لاهور ۾ عمران خان ۽ ٻين اڳواڻن خلاف پوليس تي حملي جو ڪيس داخل

ڪيس داخل

لاهور ۾ قلم 144 لاڳو ٿيڻ کانپوءِ عمران خان سميت پي ٽي آءِ جي سينيئر اڳواڻن خلاف پوليس تي حملي ۽ قومي سلامتي جي ادارن خلاف اڻوندڙ ٻولي استعمال ڪرڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويو.

ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ آف پوليس، رائيونڊ پاران داخل ڪرايل ايف آءِ آر موجب شهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ 300 کان 400 ماڻهن جي ميڙ تشدد ڪيو ۽ رياستي ادارن خلاف گٿا لفظ ڳالهايا.

ايف آءِ آر ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن اڳوڻي وزيراعظم عمران خان، حسن نيازي، حماد اظهر، محمود الرشيد، فرخ حبيب، فواد چوڌري ۽ اعجاز چوڌري جي هدايت تي ادارن خلاف غلط زبان استعمال ڪئي.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته وڳوڙي ڪارڪنن پوليس تي پٿراءُ ڪيو ۽ ڏنڊن سان حملو ڪيو، جنهن دوران 13 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا، جڏهن ته پنهنجي ئي پارٽي ڪارڪنن جي تشدد سبب پي ٽي آءِ جا 6 ڪارڪن پڻ زخمي ٿي پيا.

Read Previous

لاهور هائي ڪورٽ ۾ عمران خان جي ٻن اهم درخواستن تي ٻڌڻي اڄ ٿيندي

Read Next

آءِ ايم ايف سان معاهدو ٻن ڏينهن ۾ طئي ٿي ويندو: اسحاق ڊار

Most Popular