جاپان ۾ آپگهات جي واقعن ۾ واڌ: فوتين جو انگ ڪورونا سبب فوت ٿي ويلن کان به وڌي ويو

ٽوڪيو: جاپان ۾ آپگهات جا واقعا وڌڻ لڳا ۽ ان سبب ٿيندڙ فوتين جو انگ ڪورونا سبب فوت ٿي ويلن کان به وڌي ويو آهيآمريڪي ميڊيا موجب جاپان ۾ آپگهات جي واقعن ۾ تيزي سان واڌ نظر اچي رهي آهي ۽ آڪٽوبر ۾ آپگهات جا واقعا ڪورونا سبب ٿيندڙ فوتگين کان به وڌي ويا آهن.ميڊيا رپورتن موجب گذريل مهيني جاپان ۾ 2 هزار 153 ڄڻن آپگهات ڪيو. جڏهن ته جاپان ۾ ڪورونا سبب فوتين جو گڏيل انگ 2 هزار 87  ٿي ويو آهي.آمريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته جاپان ۾ آپگهات ڪندڙن ۾ عورتن جو انگ مردن جي مقابلي ۾ وڌيڪ آهي.

Read Previous

اسان جو مقابلو اهڙي قيادت سان آهي، جنهن ڪڏهن جمهوري جدوجهد نه ڪئي: وزيراعظم

Read Next

نيوسعيدآباد مگسي اتحاد رھنما جي فرزند جي رسم سنت تقريب

Most Popular