سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو

اسلام آباد:    سپريم ڪورٽ حڪومت جي 10 بلين ٽري سونامي منصوبي جي معاملي تي نوٽيس وٺندي سمورو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي. رپورٽ موجب چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ دريائن ۽ واهن جي ڪنارن تي وڻڪاري بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. سپريم ڪورٽ 10 بلين ٽري سونامي منصوبي جي معاملي تي نوٽيس وٺندي سيڪريٽري موسمياتي تبديلي کي طلب ڪري ورتو. عدالت سيڪريٽري موسمياتي تبديلي کي حڪم ڏنو ته 10 بلين منصوبي جو سمورو رڪارڊ به گڏ آندو وڃي.  سنڌ حڪومت طرفان رپورٽ نه اچڻ تي عدالت ڇنڊ پٽيندي حڪم ڏنو ته جهيلن ۽ روڊن جي ڀرپاسي ۾ وڻ لڳايا وڃن. چيف جسٽس چيو ته سنڌ حڪومت جا معاملا سمجهه کان ٻاهر آهن. سنڌ واحد صوبو آهي جنهن جا معاملا ڪجهه ٻئي طريقي سان هلندا آهن. سنڌ مان جيترا به آفيسر آيا آهن ڪنهن کي ڪوبه ٽي اي ڊي اي نه ملندو. عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي تي سنڌ جي آفيسرن کي توهين عدالت جا نوٽيس موڪلينداسين. توهين عدالت جو نوٽيس مليو ته سموري جمع  پونجي ختم ٿي ويندي. آفيسر جيل ته ويندا پر سندن نوڪريون به ختم ڪيون وينديون.  ٻڌڻي دوران چيف جسٽس  اسلام آباد انتظاميه جي نمائندي کان پڇاڻي دوران چيو ته اسلام آباد انتظاميه وڏي مغرور آهي. اسلام آباد ۾ پنج لک وڻ ڪٿي لڳايا آهن؟ اوهان سمورا وڻ بني گالا ۾ ئي لڳايا هوندا. اسلام اباد ۾ وڻ ڪٽجي رهيا آهن. ڪشمير هاءِ وي اهڙا وڻ لڳايا ويا آهن جيڪي خوبصورتي جي بجاءِ بدصورتي پيدا ڪري رهيا آهن. سپريم ڪورٽ خيبرپختونخواهه جي ماحوليات واري سيڪريٽري کي به ڇنڊ پٽيندي چيو ته خيبرپختونخواهه جو ماحوليات کاتو چور ۽ اوهان ان جا اڳواڻ آهيو. اوهان کي سڌو جيل موڪلي ٿا ڇڏيون. ناران، ڪاغان، ڪچرو بڻجي چڪو. جهيل جي ڀرپاسي ۾ ڪوبه وڻ ناهي لڳل. ڪماٽ ۾ هزارين وڻ ڪٽيا پيا وڃن. وڻ ڪٽجندي پاڻ ڏسي آيو آهيان. نتهيا گلي ۾ وڻ ڪٽجي رهيا آهن ۽ پشاور ۾ ته وڻ لڳل ئي ناهن. ڪنهن کي به وڻ وڍڻ جي اجازت نه هجڻ گهرجي.

Read Previous

مسلم ليگ(ن) شهبازشريف ۽ حمزه جي آزادي واري مدي ۾ واڌ جي درخواست ڏئي ڇڏي

Read Next

آصفه ڀٽو جي سياست ۾ اچڻ تي جهانگير ترين جو پٽ علي ترين به متاثر

Most Popular