سيد غلام حيدر شاھ قلندري.
انسان ڪنھن اناڙي نانوائيءَ جيئن سڀ تياريون مڪمل ڪري ٿو، پنھنجي ڪاروبار زندگيءَ کي وڏي اھميت تحت ھلائي ٿو، سڀ خوراڪ پچائڻ وارا ذريعا استعمال ڪري ٿو، ھڪ سٺي خوراڪ ٺاھي وري ان کي فروخت ڪرڻ جا جتن به ڪري ٿو، نالي ڪمائڻ شرط خاطر پھرين ايمانداري ڏيکاري سٺي خوراڪ ٺاھڻ لاءِ سڀ اصلي اجزاء ڪم آڻي ٿو، جيئن جيئن نالو خوراڪ جو مشھور ٿيندو وڃي ٿو ۽ واپار مان سٺو فائدو ملڻ شروع ٿئي ٿو، ائين ائين وري بي ايمانيت جو خيال جاڳي ٿو، اڃان ڪجهه وڌيڪ، اڃان ڪجهه گھڻو جي پويان ڊوڙڻ شروع ٿو ڪري، جيئن اڪثر اسان ۽ اوھان ٻڌو ھوندو ڪنھن جي ٿاڌل مشھوري ماڻي ٿي ته ڪنھن جا پڪوڙا، ڪنھن جي سجي ته وري ڪنھن جي چانهه، مطلب ته ھر ڪو ڪنھن نه ڪنھن ڪم ۾ مھارت ۽ سٺي فارمولي تحت پنهنجي ٺاھيل اشياء جي نمائش وري نماچار بعد ان جي ڪمائي ڪمائيندي ڪمائيندي ڪڏھن ڪڏھن سئين سھندين رستي تان لھي ڪچي ۾ ھليو ٿو وڃي، اڃان ڪجهه گھڻو جيڪڏھن ساڳي طرح ان اصلي فارمولي تي عمل ڪندو رھندو ته اعتبار ۾ ڪمي نه اينديس، ائين وري جيڪڏھن پويان ايندڙ نسل به ان ئي فارمولي تحت گامزن ھلندو رھندو ته ڪاروبار تي فرق نه پوندس.
چون ٿا ھڪڙو ديوان نانوائي وارو ويٺو ھو، ٻلو آيو مٺائي کڻي وٺي ڀڳو، ويچارو ديوان اچي پويان پيس، ڊوڙندو ڊوڙندو ٿڪجي پيو، نيٺ مجبور ٿي چيائين وئي واٽ الله جي، مطلب ته جواني ختم ڪري سڀ ھٿيار ناڪام ڪري پوءِ اچي الله الله ڪجي، جيئن آفيسر ريٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ وڏو نيڪوڪار ٿيو ٿو پوي، اھو به ٺيڪ آهي، جيڪڏھن اھو ڪم سروس دوران ڪجي ته ڇا کپي، بس فرق کي سمجھڻ گھرجي، جيئن بمبئي بيڪري جو ڪيڪ مثال ائين زندگيءَ جي سڀني ڪمن ڪارين ۾ ڀلي ڪنھن به فيلڊ ۽ واٽ سان تعلق ڇو نه ھجي، ڪھڙي به شعبي حيات سان وابسته ھجي، جڏھن اٽڪل ۽ لالچ حاوي ٿي ناھي ڪم لٿو ناھي، ڪيڏي به کڻي اڳياڙي ڀلي ڇو نه ھجي، زندگي ۾ جڏھن به ٻين انسانن سان لالچ ۾ اچي ڪاسائي واري ڪار ڪندو ته سمجھي وڃي تنھنجي مٿان به ھڪ ڪاسائي مصلحت آھي، اھو اچڻ ۾ دير ناھي ڪندو، ان جي پڇاڙيءَ کان محفوظ رھڻ لاءِ بھتر ته اھڙي لالچي اڳياڙي کان مٺيون ڀيڙي ڀڄجي.