ٻي عالمي جنگ کانپوءِ چين سڀ کان وڏو خطرو آهي: آمريڪي ڳجهي ايجنسي

واشنگٽن: آمريڪا جي ڊائريڪٽر جنرل آف انٽيليجينس رٽ ڪلف جو چوڻ آهي ته ٻي عالمي جنگ کانپوءِ چين جمهوريت ۽ آزادي لاءِ وڏو خطرو آهي. وال اسٽريٽ جنرل ۾ شايع ٿيل پنهنجي ڪالم ۾ آمريڪا جي ڊائريڪٽر جنرل آف انٽيليجينس جان رٽ ڪلف چين کي شديد تنقيد جو نشانو بڻائيندي لکيو آهي ته چين، آمريڪا ۽ باقي ٻين سمورن ملڪن تي اقتصادي، فوجي ۽ ٽيڪنيڪي طور تي غلبو حاصل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. رٽ ڪلف وڌيڪ لکيو آهي ته چين جي اقتصادي پاليسي چورائڻ، نقل ڪرڻ ۽ پوءِ اصل جي جاءِ تي نقل کي عام ڪرڻ، اهڙيءَ طرح چين پنهنجي ئي ملڪ ۾ جمهوريت ۽ اظهار جي آزادي تي پابندي هڻي ڇڏي آهي.

Read Previous

سجل ۽ احد رضا مير جو فوٽو شوٽ مداحن کي وڻي ويو

Read Next

جمهوريت لاءِ تنقيد ضروري آهي، پي ٽي اي حوصلا افزائي ڪري“

Most Popular