جمعيت علماء اسلام صوبه سنڌ جي جنرل سيڪريٽري راشد محمود سومرو سجاول ضلعي جي ھڪ ڏينھن جو دورو تي پھتو

سجاول(رپوٽ:عتيق الرحمان کتري) جمعيت علماء اسلام صوبه سنڌ جي جنرل سيڪريٽري
راشد محمود سومرو سجاول ضلعي جي ھڪ ڏينھن جو دورو تي پھتو.راشد محمود سومرو مرڪزي ترجمان اسلم غوري ضلعي اڳواڻ فضل الله فياض پڻ گڏ هئا راشد محمود سومرو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته جمعيت علماء اسلام پھرين ڏينھن چيو ھو ته حلف نه کڻڻ گھرجي .ٻين پارٽين کڻي ورتو پ پ ۽ ن ليگ ان مشاورت ۾ ھئي ته حلف کڻڻ گھرجي يا نه ان ئي مشاورت ۾ رھجي وئي پر ھاڻ اھي به ان ڳاله تي آھن ته اسان کي حلف نه کڻڻ گھرجي ھا.پي ڊي ايم جي اجلاس ۾ فيصلو ٿيندو ته استعفي ڏيڻ گھرجي يا نه استعفي جوفيصلو ڪرڻ مشڪل فيصلو نه ھوندو.پي ڊي ايم جو ڪراچي،ملتان، سميت ٻين شھرن ۾ ٿیندڙ جلسن ۾ سڀني پارٽي جو ھڪ ئي موقف رھيو آھي ته ھن سليڪٽيڊحڪومت کي گھر ڀيرو ڪيو وڃي.سنڌ جي ٻيٽن،جبلن تي قبضا ڪيا پيا وڃن.سنڌ جي معصوم نياڻين کي حوس جو نشانو بڻايو پيو وڃي ھن چيو ته سنڌ جي حقن لاء پنھنجي جان قربان ڪنداسي.مسجدن تي بلڊوز لڳن پيا ھي مديني جي رياست آھي؟ قومپرست پارٽين جا اڳواڻ منھنجا ڀائر آھن پر ھڪ ھڪ احتجاج ڪري گھر ۾ خاموش ٿي وئي رھيا آھن.جمعيت علماء اسلام پھرين ڏينھن کان سنڌ جي حقن تي ڌاڙو ھڻندڙن خلاف آواز اٿاريو آھي روزانو جي بنیادن تي شھر شھر وڄي قوم کي سجاگ ڪري رھیوآھیان مشترڪہ جدوجھد جي سخت ضرورت آھي. سنڌ جي حقن تي ڌاڙي جا اسان پاٹ ذمیوار آھیون جڏھن ووٽ جو استعمال ڪيو وڃي ٿو ان وقت فرشته ته ڪونه ايندا آھن اسان پاڻ ووٽ ڏيندا آھیون جڏھن نااھل چوڊینداسین تہ نقصان نہ ٿیندو تہ ڇا ٿیندو.راشدمحمودسومرو پارٽي جي ورڪرز ڪنويشن سان خطاب ڪرڻ کان پو۽ شھرين ۽ واپارين سان ملاقات پڻ ڪئي.ان موقعي تي مولوي طفيل کٽي،زبير ميمڻ،حمادالله ۽ ٻيا موجود ھئا.

Read Previous

چونڊون 2021 ڀرياروڊ پريس ڪلب جون اليڪشن ڪميشن جي چئير مين حبيب اللح مغل جنرل سيڪٽري جو شيرراز احمدکوکر جي نگراني ۾ ٿيون

Read Next

سجاول ۾ وڪيل عبدالطيف پاران غيرقانوني شھرن ۾ قبضن خلاف درخواست داخل ڪرائڻ کانپوء ايڊيشنل سيشن ڪورٽ پاران سجاول شھر مان قبضا ھڪ ھفتي اندڙ ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏنو

Most Popular