پ پ پ اڳواڻ ۽ صوبائي صلاحڪار اعجاز شاهه شيرازي ڪورونا سبب لاڏاڻو ڪري ويو

ٺٽو: پ پ اڳواڻ ۽ صوبائي صلاحڪار سيد اعجازعلي شاھ شيرازي ڪراچي جي آغا خان اسپتال  ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي، اعجاز شاهه شيرازي ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ ڪجهه عرصي کان داخل هو، اعجاز شاهه شيرازي 1985ع ۾ ايم پي اي چونڊيو ويو، اعجاز شاهه شيرازي 1984ع ۾ سياسي سفر شروع ڪيو، اعجاز شاھ شيرازي 6 ڀيرا سنڌ اسمبلي جو ميمبر رھيو، ھن وقت وزير اعليٰ سنڌ مراد علي شاھ جو صلاحڪار ھو. اعجاز شاهه شيرازي جي لاڏاڻي تي ٺٽي، سجاول، ميرپورساڪرو ۽ ٻين آسپاس جي علائقن ۾ ڏک جي لهر پيدا ٿي وئي آهي، اعجاز شاهه شيرازي  جو مڙهه 3 وڳي ٺٽي شھر مان کنيو ويندو، ذريعن جو چوڻ آهي ته اعجاز شاهه شيرازي آغا خان اسپتال ۾ ڪورونا سبب داخل هو.

Read Previous

ڊرامي ارطغرل غازي جو مرڪزي ڪردار انگين آلتان لاهور پهچي ويو

Read Next

پاڪستان ۽ چين پاران گڏيل هوائي فوجي مشقن جي شروعات

Most Popular