پنوعاقل : بااثر ماڻهن پاران قيمتي اربين روپيه جي سرڪاري زمينون پلاٽن تي قبضن جو سلسلو تيز

پنوعاقل ( رپورٽ فيصل حيات جهنڊير ) هڪ طرف حڪومت سرڪاري زمينون، پلاٽن تان قبضا مافيه کان اهي زمينون پلاٽ خالي ڪرائي پئي ته ٻئي طرف وري بااثر ماڻهن پاران قيمتي اربين روپيه جي سرڪاري زمينون پلاٽن تي پنوعاقل ۾ قبضن جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي! پنوعاقل جي قومي شاهراھ، دعا چوڪ وٽ هنڌ، سنڌ جي دوُر کان سوين سال پنوعاقل جي تاريخي چراگاھ طور وقف ٿيل 20 ايڪڙن کان وڌيڪ واري ايراضي جي قيمتي پلاٽن تي بااثر ماڻهن ۽ قبضا مافيه اتان ڪنڊيھ جا وڻ وڍرائي ان اربن روپين جي ماليت واري قيمتي زمين تي قبضا قائم ڪري گھر، بنگلا، اوطاقون، دڪان ۽ پئٽرول پمپ به قائم ڪري ورتا آهن، تايخي چراگاهه بابت ٻڌايو وڃي پيو ته اها ايراضي سانول بوزدار جي نالي سان پهريان سنڌ حڪومت ليز ڪئي هئي پر بعد ۾ وڏيري يار علي زنگيجو ۽ ان جي قٻضا مافيه ان تي تڙتڪڙ ۾ والار ڪري چند سڪن تي ان پلاٽن جا ٽڪڙا ٽڪڙا ٺاهي قبضاگيرن جون اڏاوتون ڪرايون آهن جيڪي لاڳيتو ڏينهون ڏينهن وڌنديون وڃن پيون معاملو عدالت ۾ به ويو پر پوءِ به اها قيمتي ايراضي خالي ٿي نه سگھي جڏهن ته روينيو، آبپاشي، ٻيلي کاتي، ٽائون ڪاميٽي جي به سوين هزارين ايڪڙن جي زمينون پلاٽن تي قبضا قائم آهن شهرين سڄاڻ ڌرين گھر ڪئي آهي ته اهي غيرقانوني قبضا ختم ڪرائي اهي زمينون پلاٽ بيگھر مسڪين ماڻهن کي مهيا ڪيون وڃن

Read Previous

مدعي سست، گواهه چست

Read Next

قاضي احمد سردار جي ظلمن کان تنڱ ٿي ٻن ڀينرن جو پاڻ ساڙڻ جو چتاء ڏيئي ڇڏيو

Most Popular