سانگهڙ: اسٽيڊيم گرائونڊ ۾ محمد سليم ڀٽي ميموريل فوٽ بال ٽورنامنٽ ٿي گذري

سانگهڙ( رپورٽ عبدالجبار نظاماڻي) گونمنٽ هاءِ اسڪول جهول جي اسٽيڊيم گرائونڊ ۾محمد سليم ڀٽي ميموريل فوٽ بال ٽورنامنٽ ٿي گذري.جنهن ۾ سنڌ جي مختلف شهرن جي ٽيمن حصو ورتو.فائنل ميچ المهراڻ فوٽ بال ڪلب ۽ نيو بلوچ ڪلر شاخ ٽنڊو آدم درميان مقابلو ٿيو جنهن ۾ المهراڻ فوٽ بال ڪلب ٽنڊو آدم فوٽ بال ڪلب جي ٽيم کي شڪست ڏني.ٽورنامنٽ ۾ مهمان خصوصي ڊاڪٽر هاشم خاصخيلي،ڊاڪٽر شبير احمد چينه،رسول بخش خاصخيلي،حاجي ممتاز کرل،خالد پرهياڙ،صغير احمد راجپوت،اويس احمد ۽ نويد گل خاصخيلي ڪامياب ٽيم کي هڪ موٽر سائيڪل ۽ 10000ڪيش انعام ڏنو.ان موقعي تي آيل مهمانن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اندرون سنڌ تمام سٺا رانديگر آھن مگر انهن کي قومي ٽيمن ۾ موقعو فراهم نه ٿو ڪيو وڃي،حڪومت کي گهرجي ته سنڌ جي ٽيمن کي اوليت جي بنياد تي ٽيمن ۾ شامل ڪيو وڃي،انهن وڌيڪ چيو ته راندين جي ميدان آباد ڪرڻ سان صحت بهتر رهي ٿي ۽ ماڻھون غلط رستن کان پڻ بچي ٿو.تنهن ڪري صحتمند معاشري لاء رانديون ضروري آھن.ٽورنامنٽ ڪاميٽي جي آرگنائيزر لياقت ڀٽي،وقاي رنڌاوا.زاهد ممتاز کرل،اسد جعفري ۽ ٻين چيو ته تعليم سان گڏ راندين جون سرگرميون به ضروري آھن ته جيئن اسان جا رانديگر راندين جي ميدان ۾ اسان جي ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهن.

Read Previous

دادو: انڪروچمنٽ جي شڪايتن جو نوٽيس وٺندي ضلعي انتظاميه پاران مختلف دوڪاندار ، هوٽلن وارن ۽ ٻين ڪاروبار پاران ناجائزحد خلين هٽائڻ جو آپريشن ڪندي

Read Next

تعليمي ادارن کي بند رکڻ قبول ناهي ڪورونا ايس او پيز تحت تعليمي ادارا کوليا وڃن.نعيم الله لغاري

Most Popular