لاڙڪاڻو: جماعت جي مرڪزي صدر سيد نصر الله شاھ بخاري کي مسلسل ٿريڊ مليل آهن، پر ان باوجود کيس سڪيورٽي فراهم نه ٿي ڪئي وڃي

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) تنظيم اصلاح الفقراءِ حسينيه نقشبنديه پاڪستان ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر حافظ گل حسن جتوئي جماعت جي اڳواڻن قاري غلام اڪبر سهڙو، سيد صدام حسين شاھ، مولوي محمد يامين چانڊيو، سرفراز احمد انصاري، علي بخش ڪورڪاڻي، محمد عمر جتوئي، مفتي احمد حسين چانڊيو، مولوي صدام حسين ٽڳڙ، حافظ روشن انقلابي ۽ ٻين سان گڏجي لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته جماعت جي مرڪزي صدر سيد نصر الله شاھ بخاري کي مسلسل ٿريڊ مليل آهن، پر ان باوجود کيس سڪيورٽي فراهم نه ٿي ڪئي وڃي، جنهن ڪري جماعت جي اڳواڻ ۽ ڪارڪنن ۾ سخت بيچئني ڇانيل آهي ان کان علاوه گذريل 3 مهينن دوران لاڙڪاڻو پوليس جي نااهلي سبب جماعت جي ڪيترن ئي فقيرن جي گهرن توڙي شهر جي مختلف علائقن جي مسجدن مان سامان چوري ٿيڻ معمول بڻيل آهي، جڏهن ته نامعلوم چور شهر اندر چوريون ڪري رهيا آهن، پر پوليس اگهور ننڊ ۾ ستل آهي، جڏهن ته جماعت جي فقيرن جون مختلف وقتن تي موٽرسائيڪلون ۽ چنگچي رڪشائون پڻ چور ٿيو آهن، جن ۾ مولوي صدام حسين، محمد صالح ٻگهيو، شهزادو چاچڙ جي گهرن مان چوريون ڪيون ويون آهن، جڏهن ته شهر جي مختلف علائقن جي ٽن مسجدن مان سامان چوري ٿيل سامان پڻ واپس نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته مختلف ٿاڻن جي حدن مان جماعت جي جي فقيرن مير محمد بليدي، مشتاق شيخ، فقير ڀٽو، حافظ ثناءُ الله شيخ، فقير حبيب الله ٽڳڙ، مولوي محمد علي، مشتاق علي ميمڻ، محمد رند جن جون چوري ٿيل 7 موٽر سائيڪلون پوليس واپس نه ڪرائي سگهي آهي، جماعت جي فقير باقراڻي واسي عامر شاهاڻي کي ڪجھ وقت اڳ بيگناھ گرفتار ڪري رتوديرو پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ زخمي ڪيو آهي. هن چيو ته ڪجھ مهينا اڳ تنظيم اصلاح الفقراءِ حسينيه نقشبنديه پاڪستان ضلعي لاڙڪاڻي پاران شهر جي جناح باغ ڀرسان تحفظ ناموس رسالت جلسو ڪوٺايو ويو هو، جنهن ۾ شريڪ جماعت جي ڪارڪنن جون 70 موبائيلون ۽ هڪ لک روپيا روڪ چوري ٿي ويا هئا، جنهن ۾ ڪجھ ملوث جوابدار پوليس گرفتار ڪيا پر کين بعد ۾ انهن کي رشوت عيوض ڇڏي ڏنو ويو آهي، اهڙن واقعن سميت ٻيا ڪيترائي چورين ۽ ڦرن جا واقعا آهن، جن ۾ ملوث جوابدارن خلاف پوليس ڪا به ڪاروائي نه ڪئي آهي، جڏهن ته ان کان علاوه لاڙڪاڻي شهر جي پراڻي بس اسٽينڊ وٽ اسان جي جماعت جي ڪارڪنن جا گهر ۽ دڪان ڊاهي پٽ ڪيا ويا آهن، جن کي ڪو به متبادل نه ڏنو ويو آهي، جنهن ڪري هو پريشانين ۾ مبتلا آهن. هن وڌيڪ چيو ته لاڙڪاڻي جي ضلعي انتظاميه توڙي پوليس انتظاميه اسان سمورا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ بار بار درخواستون ڪيون آهن، پر انتظاميه اسان سان ڪو به سهڪار نه ٿي ڪري اسان پوري سنڌ جي اڳواڻن کي اهڙي صورتحال کان آگاھ ڪيو آهي. هن وس وارن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪندي چيو ته ڄاڻايل سمورا مسئلا فوري طور تي حل ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ ايندڙ 26 ۽ 27 ڊسمبر تي سنڌ جي مختلف روڊن رستن تي ڌرڻا هڻي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويندو، جنهن جي ذميوار ضلعي انتظاميه ۽ پوليس هوندي.

Read Previous

خيرپور : قديمي درگاهه شاهلڌاڻي جي رهواسين قبرستان تي قبضي خلاف احتجاج ڪيو

Read Next

ڪنڌڪوٽ : ڪنڌ ڪوٽ سکر ڊويزن جي ريلوي پاس اميدوارن جو اختجاج ڌرڻي جو چتاءُ۔پاڪستان ريلوي ۾ ٽيسٽ پاس اميدوارن جو ھڪ سال گذرڻ باوجود آفر آرڊر نه ملڻ خلاف ڪنڌڪوٽ ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو

Most Popular