لاڙڪاڻو: پ ٽ الف سٽي ۽ تعلقي لاڙڪاڻي جي سڏ تي سوين استادن طرفان هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي پرائمري اسڪولن اندر سياسي مداخلت خلاف احتجاجي ريلي

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) پ ٽ الف سٽي ۽ تعلقي لاڙڪاڻي جي سڏ تي سوين استادن طرفان هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي پرائمري اسڪولن اندر سياسي مداخلت خلاف گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ديني مدرسه کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا شهرن جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي لاڙڪاڻو پريس ڪلب اڳيان پهتي، جتي استادن پاران ڇتي نعريبازي پڻ ڪئي وئي. ان موقعي تي پ ٽ الف جي اڳوڻي مرڪزي خزانچي محمد اسلم ديدڙ، سٽي لاڙڪاڻي جي صدر ارشاد علي تنيو، تعلقي صدر اشفاق احمد ڌامراھ، فدا حسين چانڊيو، طالب مغل، محمد پريل ڪلهوڙو، نصير محمد مغيري، محمد علي ابڙو، علي مراد ابڙو، مختيار احمد گاد، سلطان احمد، اظهر دايو، ايم شر ۽ ٻين استادن ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته اليڪشن گذرڻ کان بعد استادن سان انتقامي ڪاروايون شروع ڪيون ويون آهن، جنهن عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي، افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سياسي چرچ تي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ديني مدرسه جي هيڊ ماستر اعجاز علي پٺاڻ مٿان الزام لڳائي کيس هٽائي سندس جاءِ تي علي گل چانڊيو کي مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو عمل انتهائي افسوس ناڪ آهي، جڏهن ته سيڪريٽري تعليم پاران بدلين تي پابندي مڙهي وئي آهي، جڏهن ته لاڙڪاڻي سب ڊويزن ۾ هڪ سياسي جماعت جي هائوس جي مداخلت ٿي رهي آهي، جنهن کي فوري طور تي بند ڪيو وڃي. هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن اعجاز علي پٺاڻ جي جبري بدلي جو آرڊر واپس نه ورتو ويو ته لاڙڪاڻي سب ڊويزن جا هزارين استاد ايندڙ 27 ڊسمبر جي ڏينهن شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي مزار آڏو ڌرڻو هڻندا.

Read Previous

ڪنڌڪوٽ : ڪنڌ ڪوٽ سکر ڊويزن جي ريلوي پاس اميدوارن جو اختجاج ڌرڻي جو چتاءُ۔پاڪستان ريلوي ۾ ٽيسٽ پاس اميدوارن جو ھڪ سال گذرڻ باوجود آفر آرڊر نه ملڻ خلاف ڪنڌڪوٽ ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو

Read Next

لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي مان کنڀي گم ڪيل چئن نوجوانن جي آزادي لاءِ سندن وارثن پاران بئنر کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي

Most Popular