حڪومت خلاف تحريڪ هلائيندڙن جي پنهنجي خلاف تحريڪ شروع ٿي وئي آهي: شبلي فراز

اسلام آباد:   اطلاعات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته حڪومت جي خلاف تحريڪ هلائيندڙن جي پنهنجي خلاف تحريڪ شروع ٿي وئي آهي.  پنهنجي ٽوئٽ ۾ شبلي فراز چيو آهي ته ذاتي مفاد کي اوليت ڏيندڙن کي خواري کان سواءِ ڪجهه به نه ملندو. اپوزيشن جي انتشاري سياست ۾ ملڪ ۽ عوام جو ڪوبه ڀلو ناهي. رب پاڪ اپوزيشن کي توفيق ڏئي جو انهن کي ڪرسي جي بجاءِ عوام ۽ انهن جا مسئلا نظر اچڻ شروع ٿي وڃن. وفاقي وزير چيو ته پي ڊي ايم ۾ شامل مفاد پرست ٽولي جي منزل هڪڙي ۽ رستا ٻيا آهن. هي هاڻ سڀني جي سامهون اڳيان اچي رهيا آهن.  حڪومت خلاف تحريڪ هلائيندڙن جي پنهنجي خلاف تحريڪ شروع ٿي وئي آهي. مولانا شيراني ۽ حافظ حسين احمد جو بيان ان جي واضح گواهي آهي.

Read Previous

نئين سال لاءِ واٽس ايپ جا ٽي نوان فيچر ڪهڙا هوندا؟

Read Next

عمران ڪير ٿيندو آهي مون کان حساب وٺڻ وارو هو پاڻ ناجائز طريقي سان اچڻ جو حساب ڏئي: فضل الرحمان

Most Popular