سجاول: جمعيت طلباء اسلام ۽ ميڊيڪل شاگردن طرفان پي ايم سي جي شاگردن جا نتيجا بدلائڻ خلاف سجاول پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو

.سنڌ جي شاگردن سان ناانصافي ڪئي پئي وڃي.جنھن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا.حمادالله ميمڻ.
خبرموجب:ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ داخلا وٺڻ لاء پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيشن طرفان پوري پاڪستان ۾ ھڪ ڏينھن ٽيسٽ ورتي ھئي جنھن ۾ سنڌ جي نوجوانن جي نتيجن ۾ ھيراڦيري ڪرڻ خلاف سجاول ۾ جمعيت طلباء اسلام ۽ ميڊيڪل جي شاگردن طرفان سجاول پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.احتجاج ڪندي جي ٽي آئي ضلعي صدر حمادالله ميمڻ،ڊاڪٽر ھوتچند،يونس ڀان،منير ميمڻ گوتم ھوت،ڌيرج ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته سنڌ جي نوجوانن سان زيادتي ڪئي پئي وڃي.پي ايم سي پاران شاگردن کان ٽيسٽ ورتي وئي ھئي ان ۾ شاگردن جا نتيجا بدلي ڪري ٻي صوبي جي شاگردن کي پاس ڪيو ويو آھي.سنڌ جي شاگردن کان پنجاب جي ڪتابن مان ٽيسٽ ورتي وئي ھئي.وفاقي حڪومت سنڌ جي شاگردن سان انصافي ڪري رھي آھي.جنھن جي سخت لفظن سان مذمت ڪريون ٿا.ھن وقت شاگرد تعليم حاصل ڪرڻ بدران روڊن تي پيا اچن جن کي مستقبل جو معمار چيو ويندو آھي.ھنن چيو ته سنڌ جي شاگردن سان ناانصافي بند ڪئي وڃي.ٻئي صورت ۾ پوري سنڌ ۾ شتربند ھڙتال ڪري احتجاجي مظاھرو ڪيو ويندو.

Read Previous

لاڙڪاڻو : پ ٽ الف سٽي/تعلقي لاڙڪاڻي جي سوين استادن پريس ڪلب لاڙڪاڻو اڳيان علامتي بک ھڙتال ڪئي

Read Next

سجاول ضلعي ۾ منشيات جو ڪاروبار کلي عام ھلڻ خلاف شھري اتحاد ۽ جي ٽي آئي پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو

Most Popular