وزيراعظم عمران خان ملڪ کي بدترين آمريت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آھي، پارليامينٽ ۾ ڪابه قانونسازي نه پئي ٿئي

خيرپور (رپورٽ: رانجهن شيخ ) پيپلز لائير فورم جي مرڪزي صدر ۽ اڳوڻي گورنر پنجاب سردار لطيف کوسه خيرپور ۾ ناليواري قانوندان وڪيل شفيع محمد چانڊيو جي رهائشگاهه تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ملڪ کي بدترين آمريت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آھي، پارليامينٽ ۾ ڪابه قانونسازي نه پئي ٿئي، هن چيو ته عمران خان کي عليمه بي بي ۽ وزيرن جي ڪرپشن نظر نٿي اچي، هو رڳو اپوزيشن کي ڪرپٽ چئي رهيو آھي، اپوزيشن جو لانگ مارچ سونامي بڻجي پي ٽي آئي سرڪار جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيندو، هن چيو ته محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي پي ڊي ايم جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري حڪومت کي 31 جنوري تائين جو ٽائيم ڏنو آهي ته هو حڪومت ڇڏي هليا وڃن، سردار لطيف کوسه وڌيڪ چيو ته عمران خان جي حڪومت ته سليڪٽيڊ آهي هن جا ايدوائيز به سلڪيٽ ڪيا وڃن ٿا، جيڪي حڪومت به نٿا هلائي سگهن، آئين کي نه سپريم ڪورٽ بدلي سگهي ٿي، نه ئي ساده اڪثريت بدلي سگهي ٿي، هي ڪهڙو وزير اعظم آهي جيڪو چوي ٿو چيني مافيه، آٽا مافيه ملڪ ۾ موجود آهن ته انهن جو خاتمو ڇونه پيو ڪري، ڇو جو اها معفيه عمران خان جا پنهنجا آهن، هن چيو ته شهيد ذالفقار ڀٽو جي دور ۾ سعودي عرب سميت ٻين ملڪن ۾ پاڪستانين کي روزگار ملندو هو، هاڻي سليڪٽيڊ حڪومت ۾ انهن ملڪن مان ماڻهو ڪڍيا پيا وڃن، سردار لطيف کوسه چيو ته اسان اڳ ئي چئي چڪا آهيون ته نيب ۽ پاڪستان گڏ نٿا هلي سگهن، هن چيو ته جڏهن سليڪٽيڊ حڪومت ڌرڻو هنيو هو اها جمهوريت هئي، جڏهن پي ٽي وي تي حملو ڪيو هو، اها جمهوريت هئي ۽ جڏهن رياست جي ٿاڻن تي حملا ڪيا ويا ڇا آها جمهوريت هئي؟، جڏهن آصف زرداري جيل ۾ هيو ته هن سان صرف اولاد کي هن سان ملڻ جي اجازت هئي ۽ هاڻي محمد علي دراني ڪنهن جي اشاري تي شهباز شريف سان ملڻ ويو، هن چيو ته اين آر او ته سليڪٽيڊ حڪومت وارا گهري رهيا آهن ۽ وري الزام پي ڊي ايم تي لڳايا وڃن ٿا.

Read Previous

سڪرنڊ پريس ڪلب : سڪرنڊ شهر جي قديمي مشهور ڪلڪ قاضي دواخانہ ۾ آس جي مشهور ڊاڪٽرن پاران 2 روز مفت ڪيمپ لڳائي وئي

Read Next

خيرپور: پ ٽ الف ضلعي خيرپور جو اجلاس ضلعي صدر استاد مختيار احمد سولنگي جي صدارت ۾ پرائمري اسڪول شاهه لطيف ۾ ٿي گذري

Most Popular