ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ پنجونجاهه فوتگيون، ٻه هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪورونا وبا جا 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 2 هزار 155 نوان ڪيس ۽ 55 فوتگيون رپورٽ ٿيون آهن. اين سي او سي  طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 2 هزار 155 نوان ڪيس ۽ 155 فوتگيون رپورٽ ٿيون آهن. جنهن کان پوءِ گڏيل ڪيس 4 لک 77 هزار 240 ۽ فوتين جو گڏيل انگ 10 هزار 47 ٿي ويو آهي.  سنڌ ۾ متاثرن جو انگ 2 لک 13 هزار 193 پنجاب ۾ 1 لک 37 هزار 295 ۽ خيبرپختونخواهه 57 هزار 982، اسلام آباد ۾ 37 هزار 556 ۽ بلوچستان ۾ 18 هزار 118 انگ، آزاد ڪشمير 8241 ۽ گلگت ۾ 4855 انگ ٿي ويو. نيشنل ڪمانڊ سينٽر موجب سنڌ ۾ 3520 ۽ پنجاب ۾ 3982 فوتگيون ٿي چڪيون آهن. خيبرپختونخواهه ۾ 1627 ۽ اسلام آباد ۾ 415، بلوچستان 182 ۽ گلگت بلتستان 10 جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا وگهي فوتين جو انگ 220 ٿي ويو آهي.

Read Previous

نيپرا بجلي مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

Read Next

سوشل ميڊيا تي عائزه خان ۽ ايمن ۾ زبردست مقابلو

Most Popular