ٽيم جي ناقص ڪارڪردگي تي جاويد ميانداد خاموش

لاهور: قومي ٽيم جي ناقص ڪارڪردگي تي جاويد ميانداد جي خاموشي عاقب جاويد کي به کٽڪڻ لڳي آهي. هڪ انٽرويو ۾ اڳوڻي ڪرڪيٽر کان سوال ڪيو ويو ته 11 آگسٽ تي جاويد ميانداد پي سي بي کان ڪافي ناراض آهي هو، بعد ۾ ڊپارٽمينٽس ختم ٿيڻ ۽ پاڪستان ٽيم جي ڪارڪردگي مسلسل زوال پذير ٿيڻ سميت ڪيترن ئي مسئلن تي هن چپ نه چوريا. جواب ۾ عاقب جاويد چيو ته ان بيان جي ٽن يا چئن کانپوءِ ميانداد جي ڀاڻيجي فيصل اقبال بلوچستان ٽيم جو ڪوچ مقرر ٿي ويو هو، منهنجو خيال آهي ته جيڪڏهن توهان ڪنهن ڳالهه کي درست سمجهو ٿا ته پوءِ پنهنجي موقف تي قائم رهندي ڳالهائڻ ضروري آهي، جيڪڏهن توهان بهتري چاهيو ٿا، ڪجهه غلط ٿي رهيو آهي ته ڪرڪيٽ بورڊ کي روڪڻ ۽ معاملن کي درست رخ ۾ ڏسڻ چاهيو ٿا ته ڳالهائڻ گهرجي. هن چيو ته نيوزي لينڊ ۾ شڪست تي به ميانداد کي ڳالهائڻ گهربو هو ڇو ته ان کان هيٺ ته هاڻ افغانستان جي ٽيم ئي نظر اچي ٿي، مونکي خوف آهي ته اهڙيءَ اسان جي ڪرڪيٽ بچندي ڪون پر اڄڪلهه ميانداد ڳالهائي نه پيو.

Read Previous

مودي سرڪار تي تڪراري زرعي قانون واپس وٺڻ جو دٻاءُ وڌي ويو

Read Next

برياروڊ : سڄي ملڪ جيان مڇ سانحي خلاف ڀرياروڊ احتجاجي مظاهرو

Most Popular