نواز شريف، ٻار ۽ سندس ٽيم سڀ ڪوڙا آهن: شهزاد اڪبر

لاهور احتساب بابت وزير اعظم عمران خان جي خاص مددگار شهزاد اڪبر چيو آهي ته نواز شريف، هن جا ٻار ۽ سندس ٽيم سڀ ڪوڙا آهن.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وزير اعظم جي احتساب بابت خاص مددگار شهزاد اڪبر جو چوڻ هو ته ماضي ۾ گذارو ٿي ويندو هو پر هاڻ ڪوڙ پڪڙيو ويندو آهي، ڪوڙ جو سلسلو پاناما کان شروع ٿيو جيڪو هن وقت تائين جاري آهي، نواز شريف گذارشن ۾ به غلط بيان سان ڪم ورتو، پاناما فيصلي ۾ به هو ڪوڙو قرار ڏنو ويو، هن پنهنجي ڪوڙ جي لاءِ پارليامينٽ جو فورم استعمال ڪيو ۽ قوم کي گمراهه ڪيو ته هن جي خلاف ڪرپشن تي نه پر اقامي تي فيصلو ٻڌايو ويو، جڏهن ته نواز شريف اثاثا، ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ لڪائي، هن کي اقامي تي ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ تي ئي ڪڍيو ويو هو، اڳوڻو وزير اعظم آرٽيڪل 62 ۽ 63 تي پورو نه لٿو.

Read Previous

پاڪستان ۾ ڪا به منظم دهشتگرد تنظيم موجود ناهي: پاڪ فوج جو ترجمان

Read Next

وينا ملڪ اڳوڻي مڙس اسد خٽڪ خلاف ساک کي نقصان پهچائڻ جي دعويٰ داخل ڪرائي ڇڏي

Most Popular