پي آءِ اي جي جهاز کي ملائيشيا ۾ عدالتي حڪم تي مقامي اختيارين قبضي ۾ وٺي ڇڏيو

پي آءِ اي جو بوئنگ 777 جهاز ڪوالالمپور ايئرپورٽ تي مقامي اختيارين قبضي ۾ وٺي ڇڏيو آهي. پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائن(پي آءِ اي) جي ترجمان جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته ملائيشيا ۾ عدالتي حڪم تي جهاز کي  قبضي ۾ وٺڻ هڪ اڻوڻندڙ صورتحال آهي. مسئلي جي حل تائين مسافرن جي سار سنڀال ڪئي ويندي.پي آءِ اي جي ترجمان چيو آهي ته ملائيشيا ۾ پي آءِ اي جو هڪ جهاز عدالتي حڪم تي تحويل ۾ ورتو آهي. جهاز جي ليز جا  بقايا ادا نه ڪرڻ تي ملائيشيا ۾ پي آءِ اي جو جهاز قبضي ۾ ورتو ويو. ان معاملي ۾ برطانوي عدالت ۾ پي آءِ اي ۽ هڪ پارٽي جو ڪيس هلندڙ آهي. پي آءِ اي ۽ برطانيه جي عدالت ۾ التوا هيٺ بئي ڌر وچ ۾ قانوني تڪرار بابت هڪ  طرفو فيصلو آهي.

Read Previous

مولانا فضل الرحمان ملڪ جي حالتن تي رحم ڪري:: شيخ رشيد

Read Next

مون کي بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي:مانڊوي والا

Most Popular