اتر ڪوريا پنهنجي نئين بليستڪ ميزائل جي رونمائي ڪئي آهي جنهن کي هو دنيا جو سڀني کان وڌيڪ طاقتور هٿيار قرار ڏئي ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اتر ڪوريا ۾ خميس جي رات پيرڊ جو بندوبست ڪيو ويو. جنهن ۾ هنن سب ميرين مان فائر ڪيل پنهنجي نئين بيلسٽڪ ميزائل جي رونمائي ڪئي. ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ ان ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي اقتصادي پاليسين ۾ ناڪامي جو اعتراف ڪيو پر هو ملڪ جي فوجي طاقت ۾ برتري جي لاءِ به پرعزم آهي.