ڏکڻ آفريقا جي خلاف سيريز جي لاءِ 20 رڪني قومي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ڏکڻ آفريقا جي خلاف هوم سيريز جي لاءِ پاڪستاني اسڪواڊ جو اعلان چيف سليڪٽر محمد وسيم ڪيو ۽ ان موقعي تي ان جو چوڻ هو ته خوشي آهي ته هڪ وڏي ٽيم پاڪستان جو دورو ڪري رهي آهي. اڳوڻي ٽيسٽ رانديگر جو چوڻ هو ته ڏکڻ آفريقا جي خلاف سيريز جي لاءِ قومي ٽيم سان شاداب خان ۽ نسيم شاهه کي فٽنس مسئلن سبب ڊراپ ڪيو ويو آهي.