وزيراعظم عمران خان براڊ شيٽ معاملي تي قائم ڪميٽي کي حقيقتون عوام سامهون رکڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪي سياسي، معاشي ۽ ڪورونا وائرس جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.
ذريعن موجب وفاقي ڪابينا کي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال کان آگاهه ڪندي راءِ ڏني وئي ته وبا اڃا ختم ناهي ٿي، تنهن ڪري احتياط جي ضرورت آهي.