پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پاڪستان سپر ليگ جي ڇهين ايڊيشن ۾ تماشائين جي محدود انگ جي گرائونڊ ۾ موجودگي يقيني بڻائڻ لاءِ حڪومت سان رابطو ڪري ورتو.
پي ايس ايل جي ڇهين ايڊيشن جي شروعات 20 فيبروري کان ٿيندي ۽ ڪورونا سبب تماشائين بنا ايونٽ ڪرائڻ جو امڪان هو پر پي ايس ايل انتظاميا کي خدشو آهي ته تماشائين جي غير موجودگي ۾ ليگ متاثر ٿي سگهي ٿي.