پي ڊي ايم کي عوام رد ڪري ڇڏيو: شبلي فراز

اطلاعات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پي ڊي ايم وارا روڊن تي عوام کي گمراهه ڪرڻ لاءِ نڪتا هئا، عوام طرفان کين رد ڪرڻ کان پوءِ هو هاڻ واپس ايوانن جو رخ ڪري رهيا آهن. 

رپورٽ موجب سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي پنهنجي ٽوئٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو ته هڪ پي ڊي ايم ۽ ڪيترائي بيان آهن.

بلاول زرداري جو بي اعتمادي تي زور، احسن اقبال جا شڪ ۽ وسوسا ۽ مريم نواز جو لانگ مارچ تي زور آهي هي سڀ پي ڊي ايم جي تحريڪ ۾ واضح ڏار جا ثبوت آهن.

Read Previous

مسلم ليگ (ن) جو سينيٽ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو

Read Next

فارين فنڊنگ ڪيس ۾ اسان کي ڦاسائڻ وارا پاڻ ڦاسي چڪا آهن: وزيراعظم

Most Popular