وڏي وزير جي صدارت هيٺ ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس، نيشنل ايڪشن پلان تي غور

پنجن مهينن کان پوءِ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ صوبي ۾ امن امان ۽ نيشنل ايڪشن پلان تي غور ڪيو ويو. مراد علي شاهه چيو ته ڪميٽي جي فيصلن سان سٺا نتيجا حاصل ٿيا آهن.

رپورٽ موجب وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چيف سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ، ڪور ڪمانڊر ڪراچي، ڊي جي  رينجرز شرڪت ڪئي. آءِ جي سنڌ پوليس بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سال 2020 ۾ هڪ دهشتگردي جو واقعو پيش آيو.

ٽارگيٽ ڪلنگ جا 2019 ۾ 12 ڪيس، 2020 ۾ 8 ڪيس رپورٽ ٿيا. 2019 ۾ 1539 قتل، 2020 ۾ 1525 رپورٽ ٿيا. آءِ جي سنڌ ٻڌايو ته 2019 ۾ ڀته خوري جا 166 ڪيس، 2020 ۾ 158 رپورٽ ٿيا. پوليس اسٽاڪ ايڪسچينج حملي کي ناڪام بنايو. خيرپور ۾ مونيڪا لاڙڪ ڪيس ۾ هڪ هفتي جي اندر پوليس 3 جوابدارن کي گرفتار ڪيو.

Read Previous

فارين فنڊنگ ڪيس ۾ اسان کي ڦاسائڻ وارا پاڻ ڦاسي چڪا آهن: وزيراعظم

Read Next

سنڌ ڪابينه برسات متاثرين لاءِ چار ارب روپين کان وڌيڪ امداد منظور ڪري ورتي

Most Popular