افغانستان ۾ ٻن مختلف واقعن ۾ چار سيڪيورٽي ۽ چار حڪومتي اهلڪار مارجي ويا

افغانستان ۾ ٻن مختلف واقعن ۾ 4 سيڪيورٽي اهلڪار ۽ 4 حڪومتي اهلڪار مارجي ويا آهن.

افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل جي علائقي باغ دائود ۾ نامعلوم ماڻهن طرفان هڪ گاڏي تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ گاڏي جي اندر موجود 4 حڪومتي اهلڪار مارجي ويا.

ڪابل پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي پر اڃان تائين ڪنهن به گروپ طرفان واقعي جي ذميواري قبول نه ڪئي آهي. ٻئي طرف افغانستان جي صوبي برات ۾ روڊ ڪناري لڳل بم ڦاٽڻ سبب پبلڪ پروٽيڪشن فورس جا 4 اهلڪار مارجي ويا آهن.

Read Previous

شادي کانپوءِ به پنهنجي ماءُ سان ئي گڏ رهنديس:ساره علي

Read Next

جلد ئي ٽنهي فارميٽ جي ٽاپ ٿري ۾ شامل ٿي وينداسين:مصباح الحق

Most Popular