سنڌ جي عوام بلاول ڀٽو جي ويزن تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي: سيد ناصر حسين شاهه

ڪراچي: صوبائي وزير اطلاعات ۽ بلديات سنڌ سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن تي عوام اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. پيپلزپارٽي جي اميدوارن کي سانگهڙ، ملير ۽ عمر ڪوٽ جي ننڍي چونڊ ۾ مينڊيٽ ڏئي واضح اڪثريت سان سوڀ ڏياري آهي ۽ ٿرپارڪر ۾ قومي اسيمبلي جي ايندڙ ننڍي چونڊ ۾ پڻ پيپلزپارٽي ڪاميابي حاصل ڪندي.

2018 جي عام چونڊن جي مقابلي ۾ پيپلزپارٽي جي ووٽ ۾ واڌ ٿي آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي ووٽن ۾ تمام گهڻي گهٽتائي ٿي آهي.

اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات کاتي جي وزير سيد ناصر حسين شاهه صوبائي اليڪشن ڪميشن آفيس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. هن چيو ته 2018 جي چونڊن ۾ خان صاحب عوام سان ڌوڪو ڪيو. ماڻهن سان ڪوڙا واعدا ڪيا ويا، تبديلي سرڪار ۽ نئين پاڪستان جا خواب ڏيکاريا ويا. صوبائي وزير اطلاعات سنڌ چيو ته ماڻهن ڏٺو ته نئين پاڪستان ۾ تبديلي سرڪار ماڻهن جو جيئڻ ڏکيو ڪري ڇڏيو آهي، هڪ وقت جي کاڌي لاءِ عوام پريشان آهي، کاڌي جو بندوبست ڪري ٿي ته  ٻارن جي اسڪول جا خرچ نٿي ڀري سگهي.

هن چيو ته تبديلي سرڪار ماڻهن کي روزگار ڏيڻ بجاءِ ماڻهن کي بيروزگار ڪري ڇڏيو آهي، گهر ڏيڻ جي بجاءِ بي گهر ڪري ڇڏيو آهي. هنن پنهنجو گهر ته ريگيولرائيز ڪري ڇڏيو پر هزارين ماڻهن کي بي گهر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته بلوچستان جي ننڍي چونڊ ۾ پڻ انهن کي ناڪامي ٿي آهي ۽ جي يو آءِ فضل الرحمٰان گروپ جي اميدوار ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. پنجاب ۾ به ايندڙ ننڍي چونڊن ۾ نتيجا سڀني جي سامهون اچي ويندا.

سيد ناصر حسين شاهه چيو ته سينيٽ چونڊن ۾ اوپن ووٽ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن ان سان ڪو فرق نه پوندو. اصل ۾ انهن کي پنهنجي ماڻهن تي ڀروسو ناهي. جن ماڻهن کي سينيٽ جا ٽڪيٽ ڏنا ويا آهن انهن تي پي ٽي آءِ جي ماڻهن شديد اعتراض واريا آهن ته اهي پيراشوٽرز ڪٿان اچي ويا. گهڻو ڪري ٽڪيٽ سيڙپڪارن کي ڏنا ويا آهن جن جو پي ٽي آءِ سان ڪو واسطو ناهي.

ملير واقعي تي هن چيو ته سوين ماڻهن تي ٻڌل قافلي پولنگ اسٽيشن تي خوف ۽ حراس پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اهي پولنگ عمل جي رفتار کي سست ڪرڻ چاهين پيا ته جيئن پيپلزپارٽي جي اميدوار کي گهٽ ووٽ ملن. اهڙي صورتحال تي ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسر ملير ضلعي انتظاميا کي خط لکيو ته حليم عادل شيخ کي تڪ بدر ڪيو وڃي. ان ۾ سنڌ حڪومت ۽ وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جو عمل دخل نه آهي. هن چيو ته سموري صورتحال جا ذميوار اهي پاڻ آهن. هنن اسلحي جي نمائش ڪئي ۽ ڇا هٿيارن سان گڏ پولنگ اسٽيشن ۾ وڃڻ جي اجازت آهي؟ قانون کان مٿانهون ڪوبه ناهي. حليم عادل شيخ هجي، مان هجان يا ڪو ٻيو هجي، جيڪڏهن قانون جي ڀڃڪڙي ٿيندي ته ظاهر آهي ايڪشن ته ٿيندو. ملير جي تڪ تي جيڪا صورتحال پيدا ڪئي وئي ان تي ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسر کي مجبورن ضلعي انتظاميه کي خط لکڻو پيو ته حليم عادل شيخ ۽ ان جي ٽولي کي تڪ مان ٻاهر ڪڍيو وڃي. صوبائي وزير اطلاعات سنڌ چيو ته حليم عادل شيخ تي اڳ ۾ ئي ايف آر داخل هيون ۽ گذريل ڏينهن واقعي تي پڻ ڪيس داخل ٿيو آهي. هن چيو ته ڪنهن سان به ڪا زيادتي نه ٿيندي. قانوني طور تي انهن کي هر لحاظ کان تحفظ فراهم ڪيو ويندو پر اهو پڻ نٿو ٿي سگهي ته قانون کان ڪو مٿانهون هجي.

Read Previous

ٻڌو هو ته همايون سعيد عاشق مزاج ماڻهو آهي: ماهره خان

Read Next

وزيراعظم سينيٽ چونڊن ۾ اڪثريت سان ڪاميابي جي دعويٰ ڪري ڇڏي

Most Popular