ڀارت ۾ بس ڍنڍ ۾ ڪِري پئي، 37 ڄڻا فوت

ڀارت ۾ هڪ بس حادثي ۾ 37 ڄڻا فوت ٿي ويا.

وچ ڀارتي رياست مڌيا پرديش ۾ پيش آيل حادثي بابت پوليس اختيارين ٻڌايو ته بس ڍنڍ ۾ ڪِري، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 50 مسافر سوار هئا.

حادثي کانپوءِ امدادي ڪارروائيون جاري آهن، جڏهن ته فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته ڀارت جو شمار اهڙن ملڪن ۾ ٿيندو آهي، جتي روڊ حادثن جي شرح سڀني کان وڌيڪ آهي

Read Previous

ملڪ ۾ ڪورونا وبا وڌيڪ ڇاونجاهه مريضن کان حياتيون کسي ورتيون

Read Next

محمد علي سد پاره جي پٽ والد جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي

Most Popular