فيس بڪ آسٽريلوي ميڊيا مٿان خبرون شيئر ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي

سماجي رابطن جي ويب سائٽ فيس بڪ آسٽريلوي ميڊيا جون خبرون شيئر ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب آسٽريلوي حڪومت قانون متعارف ڪرايو آهي جنهن جي تحت آسٽريلوي ميڊيا ويب سائٽس جون خبرون ۽ مواد شيئر ڪرڻ تي فيس بڪ کي حاصل ٿيندڙ آمدني کان ان ميڊيا ادارن کي به ادائيگي ڪرڻي پوندي.

ان تي فيس بڪ آسٽريلين صارفين تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي ته هو آسٽريلوي ميڊيا جي ڪنهن به خبر يا مضمون کي پنهنجي پيج ۽ وال تي شيئر نٿا ڪري سگهن جڏهن ته آسٽريلوي ميڊيا به پنهنجا فيس بڪ پيجز استعمال نه ڪري سگهندي.

Read Previous

اٽلي جو مشهو جبل لاوو اوڳاڇڻ لڳو

Read Next

ماهرا خان هڪ ڀيرو ٻيهر پشاور زلمي جي برانڊ ايمبيسيڊر مقرر

Most Popular