علي ظفر پاران جيلن ۾ قيد بي گناهه عورتن جي مدد جو اعلان

انٽرنيشنل وومين ڊي تي گلوڪار علي ظفر جيلن ۾ قيد بي گناهه ۽ غريب عورتن جي مدد جو اعلان ڪري ڇڏيو.

سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي علي ظفر اڄ عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي جيلن ۾ قيد بي گناهه ۽ غريب عورتن جي مدد جو اعلان ڪيو آهي.

گلوڪار چيو ته قانوني نمائندگي نه هجڻ ڪري ڪيتريون ئي عورتون سالن کان جيلن ۾ قيد آهن، اڄ عورتن جي ڏينهن تي وچن ٿو ڪريان ته پنهنجي عاجزاڻي صلاحيتن آڌار هنن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪندس.

علي ظفر ٻين کي به ان نيڪ ڪم ۾ شرڪت جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته اسان گڏجي گهڻو ڪجهه ڪري سگهون ٿا.

Read Previous

هاڻ 60 سالن کان وڌيڪ عمر جي طبي علمي کي ڪورونا لڳندي، نوٽيفڪيشن جاري

Read Next

سعودي عرب ۾ آئل پلانٽ تي حوثي باغين جو راڪيٽ حملو

Most Popular