وزير اعظم جي ايندڙ ڪجهه مهينن تائين گيس جي اگهن ۾ واڌ نه ڪرڻ جي هدايت

عمران خان

وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته ايندڙ ڪجهه مهينن تائين  گيس جي اگهه ۾ واڌ نه ڪئي وڃي.

وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اٽي، کنڊ ۽ ٻين ضرورت جي شين جي اگهن جي حوالي سان جائزي وارو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ضرورت جي بنيادي شين خاص ڪري اٽي جي اگهن ۾ استحڪام، کنڊ جي موجوده اگهن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي حوالي سان بندوبستن، گيس ۽ پيٽرول جي اگهن جي حوالي سان معاملن تي غور ڪيو ويو.

پيٽروليم بابت خاص مددگار نديم بابر گيس جي اگهن جي حوالي سان ٻڌايو ته گيس اگهن ۾ پهرين جولاءِ 2019ع ۾ واڌ ڪئي وئي هئي، اوگرا طرفان گيس اگهن ۾ 6 کان 7 سيڪڙو واڌ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

وزير اعظم هدايت ڪئي ته ايندڙ ڪجهه مهينن تائين گيس جي اگهن ۾ واڌ نه ڪئي وڃي. عمران خان حڪومتي معاشي ٽيم کي هدايت ڪئي ته حڪومت طرفان ٽارگيٽڊ سبسڊي اسڪيم متعارف ڪرڻ تائين اٽي جي اگهن ۾ استحڪام کي يقيني بڻايو وڃي، غريب ماڻهو کي اٽي جي حوالي سان سڌي سنئين سبسڊي جي فراهمي جي لاءِ مفصل پروگرام متعارف ڪرايو پيو وڃي جنهن سان اٽي جي خريداري جي حوالي سان معاشري جي ڪمزور طبقن جي حڪومت طرفان سڌي سنئين سبسڊي فراهم ڪئي ويندي، جنهن جو مقصد معاشري جي ڪمزور طبقن جو مالي سهڪار آهي جيئن انهن تي مهانگائي جو بار ممڪن حد گهٽ ٿي سگهي.

Read Previous

صادق سنجراڻي جي ڪري ايوان جو وقار گهٽ ٿيو، کيس استعيفي ڏيڻ گهرجي: بلاول ڀٽو زرداري

Read Next

سينيٽ سيڪريٽري مون کي ۽ فاروق ايڇ نائيڪ کي ٻڌايو ته نالي مٿان مهر به ٺيڪ آهي: سعيد غني

Most Popular