غزه تي اسرائيل پاران ڪيل بمباري جو سلسلو نه رڪجي سگهيو، وڌيڪ ٽيهه فلسطيني شهيد

اسرائيل رياستي دهشتگردي جو مظاهرو ڪندي غزه تي خوفناڪ بمباري ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ وڌيڪ  30 فلسطيني شهيد ٿي ويا.

جنهن کان پوءِ شهيد فلسطينين جو انگ 200 ٿي ويو آهي. شهيدن ۾ 50 ٻار ۽ 34 عورتون شامل آهن. هزارين ماڻهو زخمي آهن جن مان 366 ٻار به آهن.

ٻارن جي بهبود جي عالمي تنظيم سيو دي چلڊرين موجب غزه ۾ هر ڪلاڪ ۾ 3 ٻار اسرائيلي بمباري ۾ زخمي ٿي رهيا آهن. غزه جي هٿين خالي فلسطينين تي اسرائيلي فضائي حملا ٻئين هفتي ۾ داخل ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ سمورو شهر مٽيءَ جي ڍير ۾ تبديل ٿيندو پيو وڃي. بمباري ۽ ميزائل حملن مان ڪير به محفوظ نه آهي. رهائشي عمارتون پٽ پئجي چڪيون آهن ۽ هزارين ماڻهو پناهگير ڪيمپن ۾ پناهه وٺڻ تي مجبور ٿي ويا آهن جتي به هو سلامت ناهن ڇو ته صهيوني رياست طرفان ان ڪيمپن کي به نشانو بنايو ويو آهي.

Read Previous

زارا نور جي نصيحت تي مداحن پاران سندس مٿان سخت تنقيد

Read Next

واٽس ايپ پاران پرائيويسي پاليسي قبول نه ڪندڙن لاءِ نئون پيغام

Most Popular