غزه جي ڳڻتي جوڳي صورتحال، شاهه محمود قريشي سفارتي مشن تي ترڪي پهچي ويو

وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي فلسطين جي بگڙجندڙ صورتحال تي عالمي برادري جو ڌيان ڇڪرائڻ جي لاءِ سفارتي مشن تي ترڪي پهچي ويو. هو سوڊان، فلسطين ۽ ترڪ پرڏيهي وزيرن سان گڏ نيو يارڪ ويندو.

انقره هوائي اڏي تي انقره جي ڊپٽي گورنر اسماعيل ڪوريجي، ترڪي ۾ پاڪستان جي سفير سائيرس قاضي ۽ سفارتخاني جي سينئر آفيسرن پرڏيهي وزير جي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سوڊان، فلسطين ۽ ترڪ پرڏيهي وزيرن سان گڏ ترڪي کان پوءِ نيويارڪ روانو ٿيندو جتي مختلف اهم شخصيتن سان ملاقاتون ڪندو.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ مظلوم فلسطنين تي ٿيندڙ ظلمن جي خلاف آواز اٿاريندو. پرڏيهي وزير مقامي ۽ عالمي ميڊيا جي نمائندن سان به  ڳالهيون ڪندو ۽ فلسطين جي صورتحال تي پاڪستان جو نقطه نظر پيش ڪندو.

Read Previous

پي ايس ايل 6 جون رهيل ميچون ابوظهبي ۾ ٿينديون

Read Next

رنگ روڊ اسڪينڊل ۾ ڪنهن به وزير يا صلاحڪار جي ملوث هجڻ جو ثبوت ناهي مليو: فواد چوڌري

Most Popular