سنڌ جي گهرو کاتي صوبي ۾ نين پابندين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو

سنڌ جي گهرو کاتي صوبي ۾ نين پابندين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.

گهرو کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته صوبي ۾ شهرين جي غير ضروري چُرپر تي رات 8 وڳي کانپوءِ پابندي هوندي، جڏهن ته گاڏين کي به غير ضروري طور گهمڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، رات 8 وڳي کانپوءِ ضروري ڪمن لاءِ گاڏين کي رڳو هڪ ماڻهو ويهڻ جي اجازت هوندي.

صوبي ۾ سمورا پارڪ ۽ جوگنگ ٽريڪس به بند هوندا، ڪاروبار جو وقت صبح 5 وڳي کان شام 6 وڳي تائين هوندو، ڊپارٽمينٽل ۽ سپر اسٽور شام 6 وڳي تائين کليل رهندا پر بيڪري ۽ کير جا دڪان رات 12هين وڳي تائين کولڻ جي اجازت هوندي، جڏهن ته جمعي ۽ آچر ڏينهن ڪاروبار مڪمل بند رهندا.

Read Previous

دنيا جي امير ترين رانديگرن جي فهرست جاري

Read Next

وزيراعظم جو نوجوانن لاءِ اهم اعلان

Most Popular