سخت شرطن تي قرض کڻي معيشت هلائڻ جو تجربو ايندڙ حڪومتن لاءِ مسئلا پيدا ڪندو: بلاول ڀٽو

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته  عمران خان قرضن تي ملڪي معيشت هلائي ايندڙ نسلن جي لاءِ کڏا کوٽي رهيو آهي.

سخت شرطن تي قرض کڻي معيشت هلائڻ جو تجربو ايندڙ حڪومتن لاءِ  مسئلا پيدا ڪندو. پ پ چيئرمين چيو ته پنهنجي نااهلي کان واقف هجڻ جي باوجود عمران خان صرف پنهنجي انا کي تسڪين ڏيڻ لاءِ  ملڪ کي معاشي تباهي طرف ڌڪي ڇڏيو آهي.

عمران خان ڪشڪول کڻي واشنگٽن، رياض، دبئي ۽ بيجنگ گهمندو رهيو ۽ ملڪي وقار کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. عمران خان پاڪستان جا فيصلا قرض ڏيندڙ ملڪن جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن. پنهنجي نااهلي کان واقف هجڻ جي باوجود عمران خان صرف پنهنجي انا خاطر ملڪ کي معاشي تباهي طرف ڌڪي ڇڏيو آهي. پ پ چيئرمين چيو ته عمران خان اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ پرڏيهي قرض 21 ارب ڊالر اضافي سان گڏ 95 ارب ڊالر کان 116 ارب ڊالر ٿي چڪو آهي.

عمران خان صرف هن سال 35 سيڪڙو اضافي سان گڏ 10 ارب ڊالر جو پرڏيهي قرض حاصل ڪري چڪو آهي. جيڪڏهن عمران خان انهيءَ رفتار سان قرض وٺندو رهيو ته قوم کي مستقبل ۾ سخت حالتن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. عمران خان پاڪستان جي ٻچي ٻچي کي قرض جي دلدل ۾ ڌڪي ملڪ جي مستقبل کي داءُ تي لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

Read Previous

هڪ ارب ٻوٽا لڳائڻ جو منصوبو مڪمل ٿي ويو، ايندڙ نسلن لاءِ بهتر پاڪستان ڇڏڻ چاهيون ٿا: وزيراعطم

Read Next

موسميات کاتي سنڌ جي مختلف علائقن ۾ سخت گرمي پوڻ جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا

Most Popular