فيس بڪ ۽ انسٽاگرام صارفين کي لائڪس لڪائڻ جو اختيار ملي ويو

سماجي رابطن جي ايپس فيس بڪ ۽ انسٽاگرام پنهنجي صارفين کي لائڪس لڪائڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو آهي.

انسٽاگرام لائيڪس لڪائڻ تي تجربن جي شروعات 2019 کان شروع ڪيو هو جنهن تي صارفين سخت تنقيد ڪئي. هاڻ فيس بڪ ۽ انسٽاگرام صارفين کي اختيار ڏئي ڇڏيو آهي. هاڻ صارفين پنهنجن لائيڪس کي لڪائي سگهندا. بين جي پوسٽن تي به صارف کي لائيڪس ڏيڻ يا نه ڏسڻ جو اختيار هوندو. هاڻ ماڻهو پاڻ فيصلو ڪندا ته هو پنهنجي پوسٽس تي لائڪ لڪائڻ چاهين ٿا يا نه.

انسٽاگرام 2019 ۾ پوسٽس تي لائڪس لڪائڻ جي فيچر جا اثر ڏسڻ لاءِ محدود صارفين تي آزمائش شروع ڪئي هئي جنهن دوران اهو ڏسڻ ۾ آيو ته ڪجهه صارفين لائڪس لڪائڻ کي ترجيح ڏيندا آهن.

ڪمپني جو خيال آهي ته هن فيچر سبب حقيقت ۾ صرف وڌيڪ پوسٽون ئي نه پر صارف ايپ ۾ وڌيڪ وقت گذاريندا جنهن سان فيس بڪ جي اشتهاري آمدني ۾ انسٽاگرام صارفين جي ذريعي وڌيڪ اضافو ٿي سگهندو.

Read Previous

ڪورونا جي حقيقت جو احساس ان وقت ٿيندو آهي جڏهن پنهنجو وڇڙي ويندو آهي: بشريٰ انصاري

Read Next

آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ فائرنگ، اٺ ڄڻا مارجي ويا

Most Popular