عائزا خان مداحن جو مونجهارو ختم ڪري ڇڏيو

شوبز انڊسٽريءَ جي خوبصورت ۽ باصلاحيت اداڪارا عائزا خان پنهنجي ٽڪ ٽاڪ اڪائونٽ جي حوالي سان مداحن جو مونجهارو ختم ڪري ڇڏيو.

عائزا خان انسٽاگرام تي اسٽوري ۾ پنهنجي ٽڪ ٽاڪ اڪائونٽ جو اسڪرين شاٽ شيئر ڪيو ۽ مداحن کي ٻڌايو ته منهنجو اصل ٽڪ ٽاڪ اڪائونٽ گيتي پرنسز جي نالي سان آهي.

سندس چوڻ هو ته ٽڪ ٽاڪ تي گيتي پرنسز آفيشل جي نالي سان موجود اڪائونٽ ڪوڙو آهي، تنهن ڪري ان کي فالو نه ڪيو.

واضح رهي ته عائزا خان انسٽاگرام کانپوءِ ٽڪ ٽاڪ تي به ڊيبيو ڪيو آهي ۽ رڳو چئن ڏينهن ۾ سندس فالوئرز جو انگ لک جي ويجهو پهچي ويو آهي.

Read Previous

مون کي ٽڪ ٽاڪ تي فالو ڪيو: حسن علي

Read Next

عدالت ليز گهر ڊاهڻ تي ڪاوڙجي پئي، گجر نالا آپريشن جي منع نامي ۾ واڌ

Most Popular