پي ايس ايل: بابر اعظم جي 85 رنسن جي اننگز به ڪراچي کي شڪست کان نه بچائي سگهي

پاڪستان سپر ليگ جي 16هين ميچ ۾ ملتان سلطانز، ڪراچي ڪنگز کي 12 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

ابو ظهبي ۾ ڪراچي ڪنگز جي ڪپتان عماد وسيم ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو ۽ دعوت ملڻ تي پهريان کيڏيندي ملتان سلطانز مقرر اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 176 رنسون ٺاهيون.

ملتان طرفان رائلي روسو ۽ خوشدل شاهه 44-44 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيو، جڏهن ته ڪپتان محمد رضوان 29 رنسون ٺاهيون.

جواب ۾ ڪراچي ڪنگز جي شروعات مايوس ڪندڙ رهي ۽ شرجيل خان 4، مارٽل گپٽل ۽ نجيب الله زادران 11-11 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويا.

Read Previous

پنهنجي ڀيٽ کدڙي سان ڪري ايمان علي تنقيد جي ور چڙهي وئي

Read Next

گهوٽ کي گُٽڪو کائيندي ڏسي ڪنوار شاديءَ کان انڪار ڪري ڇڏيو

Most Popular