سينئر ايراني اختيارين يوڪرين جو جهاز ڪيرائڻ جو فيصلو ڪيو: ڪينيڊا جي حتمي رپورٽ

ڪينيڊا ايران ۾ يوڪرين جو جهاز ڪيرائڻ واري معاملي جي حتمي رپورٽ تيار ڪري ورتي.

پرڏيهي ميڊيا جي موجب يوڪرين جو جهاز ڪيرائڻ واري معاملي تي ڪينيڊا طرفان تيار ڪيل حتمي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جهاز کي ڪيرائڻ جو فيصلو سينيئر ايراني اختيارين طرفان ڪيو ويو.

ڪينيڊين فرانزڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايران جهاز جي معاملي تي ڪجهه خدشن کي به نظرانداز ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ واقعو پيش آيو.

Read Previous

لاهور ڌماڪو: جوابدارن جي گرفتاريءَ جي ويجهو آهيون: شيخ رشيد

Read Next

ڪرش سيريز جي چاهيندڙن لاءِ خوشخبري

Most Popular