ڪينيڊا ۾ وري قبيلائي اسڪول مان ٻارن جون اجتماعي قبرون هٿ

ڪينيڊا ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اڳوڻي بورڊنگ اسڪول مان اهڙيون قبرون هٿ آيون آهن، جن ۾ سوين قبيلائي ٻارن جا لاش پُوريا ويا هئا.

گذريل مهيني به اهڙي ئي هڪ اجتماعي قبر جي انڪشاف سڄي دنيا کي جهوري وڌو هو.

ان تازي انڪشاف کان اڳ گذريل مهيني برٽس ڪولمبيا صوبي ۾ به مقامي آبادي جي هڪ اڳوڻي بورڊنگ اسڪول مان 215 ٻارن جون باقيات هٿ آيون هيون.

ڪينيڊا ۾ 1840 کان وٺي 1996 دوران حڪومت ۽ مذهبي ادارن جي نگراني ۾ قائم بورڊنگ هائوس اسڪولن جو انگ 100 کان وڌيڪ هو، جن ۾ تشدد ۽ جنسي زيادتيون عام هيون، ان دوران ٻارن کي زبردستي عيسائي مذهب اختيار ڪرڻ تي مجبور به ڪيو ويندو هو.

Read Previous

آمريڪا هميشه پاڪستاني سهڪار اڻ ڪافي سمجهيو، برابري جي سطح تي لاڳاپا ٿا چاهيون: وزير اعظم

Read Next

سلمان خان صفا ناهي وڻندو: ڪرينا ڪپور

Most Popular