بيڊمنٽن رانديگرياڻي ماهه نور شهزاد پٺاڻن کان معافي گهري ورتي

پاڪستان جي بيڊمنٽن رانديگرياڻي ماهه نور شهزاد پٺاڻن بابت پنهنجي بيان تي معافي گهري ورتي آهي. 

ياد رهي ته 22 جولاءِ تي ماهه نور جي هڪ وڊيو وائرل ٿي هئي جنهن ۾ هن پنهنجي مخالفن تي سخت تنقيد ڪئي ۽ کين پٺاڻ چيو. ماهه نور پنهنجي وڊيو ۾ چيو هو  ماڻهن منهنجي تعريف ڪئي پر ڪجهه بيڊمنٽن رانديگر آهن جيڪي مڪمل طور تي پٺاڻ آهن. مان پاڪستان ۾ پهرين نمبر تي آهيان پر اسان جا ٻيا  پاڪستاني بيڊمنٽن رانديگر منهنجي ترقي کان  سڙي رهيا آهن . هي ته  ائين آهي ته اوهان پاڻ ته ڪجهه حاصل نٿا ڪريو ۽ نه ئي وري چاهيو ٿا ته ٻيو ڪو ان کي حاصل ڪري.

Read Previous

جنسي زيادتي تي وزيراعظم جو بيان، ماهره خان جو رد عمل سامهون اچي ويو

Read Next

آمريڪا انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي ڀارت کي خبردار ڪري ڇڏيو

Most Popular