سپريم ڪورٽ رحيم يار خان ۾ مندر تي حملي جي جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ ۾ رحيم يار خان مندر حملي بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، آءِ جي پنجاب، چيف سيڪريٽري پنجاب، ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل عدالت ۾ پيش ٿيا.

چيف جسٽس آءِ جي پنجاب انعام غني ۽ چيف سيڪريٽري کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته مندر تي حملو ٿيو، انتظاميا ۽ پوليس ڇا ڪري رهي هئي. آءِ جي پنجاب ٻڌايو ته اي سي ۽ اي ايس پي موقعي تي موجود هئا، انتظاميا جي ترجيح مندر جي ڀرسان موجود هندن جي 70 گھرن جو تحفظ ڪرڻ هو، ڪيس ۾ دهشت گردي جا قلم لڳايا ويا آهن، پر هن وقت تائين گرفتاري ناهي ٿي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته هڪ 9 سالن جي ٻار جي ڪري واقعو ٿيو، جنهن سبب سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي بدنامي ٿي، پوليس سواءِ تماشو ڏسڻ جي ڪجهه به نه ڪيو. ايڊيشنل اٽارني جنرل سهيل محمود ٻڌايو ته وزيراعظم به معاملي جو نوٽيس ورتو آهي.

جسٽس قاضي امين چيو ته پوليس پنهنجي ذميواري ادا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي، سرڪاري پيسن سان مندر جي تعمير ڪئي وڃي. چيف جسٽس چيو ته هندن جو مندر ڪيرايو ويو، سوچيو هنن جي دلين تي ڇا گذري هوندي، سوچيون مسجد تي حملو ٿئي ها ته مسلمانن جو رد عمل ڇا هجي ها.

سپريم ڪورٽ مندر حملي جي جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪرڻ، شرپسندي تي مڇرائيندڙن خلاف ڪارروائي ۽ مندر جي بحالي جو خرچ به جوابدارن کان هر صورت ۾ وصول ڪرڻ جو حڪم ڏنو. سپريم ڪورٽ چيو ته آزاد گھمندڙ جوابدار هندو ڪميونٽي لاءِ مسئلا پيدا ڪري سگھن ٿا، يقيني بڻايو وڃي ته آئينده اهڙا واقعا نه ٿين.

Read Previous

جنت مرزا ايوارڊ شوز مٿان پابندي جو مطالبو ڪري ڇڏيو

Read Next

فردوس عاشق اعواڻ کي هڪ ڀيرو ٻيهر وفاق ۾ اهم ذميواري ڏيڻ جو فيصلو

Most Popular