مرتضيٰ وهاب ڪراچي ايڊمنسٽريٽر جي حيثيت سان ”فرق واري سياست“ ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم

ڪراچي جي نئين مقرر ٿيل ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب پنهنجي دور ۾ ”فرق واري سياست“ جي خاتمي جو عزم ڪندي چيو ته هو شهر ج مسئلا حل ڪرڻ لاءِ منصوبابندي ڪري رهيو آهي.

سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب اهڙي خيالن جو اظهار ڪراچي جي ايڊمسنٽريٽر جون ذميواريون سنڀالڻ کانپوءِ ميڊيا سان گفتگو ڪندي ڪيو آهي.

هن چيو ته مان ڪوشش ڪري رهيو آهيان ته ماضي جي باري ۾ نه سوچڻ بغير مستقبل جي لاءِ ڪم ڪيان.

مرتضيٰ وهاب چيو ته سنڌ حڪومت ايجنڊا جي اڳواڻي ڪندي ۽ ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريسن (ڪي ايم سي) ۽ ٻين بلدياتي ان کي عملي صورت ڏيندا.

ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر جو چوڻ هو ته ڪراچي جي بهتري جي لاءِ ڪنهن سان به ايتري تائين جو وفاقي حڪومت جي نمائندن سان به گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.

شهر جي مسئلن جي حل جي حوالي سان سندس منصوبن جي باري ۾ پڇيل سوال جي جواب ۾ هن جو چوڻ هو ته هو في الحال پنهنجو ايجنڊا نٿو ٻڌائي سگهي ڇو ته ان تي اڃا ڪم هلندڙ آهي.

Read Previous

”حڪومتي وزيرن جا ٽَپا علامت آهن ته نواز شريف انهن جي ذهنن تي سوار آهي“

Read Next

نيپرا بجلي اگهن ۾ لاٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي

Most Popular