ڪراچي ۾ آگسٽ جي پهرئين هفتي ڪورونا ڪيسن جي شرح 21 سيڪڙو کان وڌيڪ تي برقرار

ڪراچي ۾ آگسٽ جي پهرئين هفتي دوران ڪورونا ڪيسن جي هاڪاري شرح 21.41 تي برقرار آهي.

صحت کاتي موجب پهرين کان ستين آگسٽ تائين ڪراچي ۾ 11 هزار 946 ماڻهن ڪورونا جو شڪار ٿيا ۽ شهر ۾ آگسٽ جي پهرئين هفتي 150 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا.

اختيارين ٻڌايو آهي ته آگسٽ جي پهرئين هفتي سڀ کان وڌيڪ 41 فوتگيون اوڀر ضلعي ۾ ٿيون، جڏهن ته ڪورنگي ضلعي ۾ 37، سينٽرل ۾ 23، ڏکڻ ۾ 25 ۽ اولهه ضلعي ۾ 24 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا.

هوڏانهن گذريل 24 ڪلاڪن دوران به ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح 21 سيڪڙو ۽ حيدرآباد ۾ 12 سيڪڙو، جڏهن ته سڄي سنڌ ۾ مجموعي طور 11 سيڪڙو رهي.

Read Previous

اولمپيئن ارشد نديم کي پاڪستاني اداڪاره ميرا ڪرڪيٽر چئي ويٺي، وڊيو وائرل

Read Next

طالبان وڌيڪ ٻن صوبائي گادي وارن شهرن جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو

Most Popular