افغانستان مان پاڪستاني مسافرن جي سولائيءَ سان واپسي لاءِ اهم فيصلو

افغانستان جي صورتحال کي ڏسندي پاڪستاني مسافرن جي اتان سولائي سان واپسي لاءِ اهم فيصلو ڪيو ويو آهي.

طالبان افغانستان جي تخت گاهه ڪابل تي قبضو ڪري ورتو آهي، جڏهن ته انهن طرفان صدارتي محل تي قبضي جي دعويٰ به ڪئي وئي آهي.

ان ڏس ۾ ڦاٿل پاڪستانين توڙي پرڏيهين لاءِ قومي ايئر لائن (پي آءِ اي) خاص آپريشن شروع ڪيو آهي، جڏهن ته سول ايوي پاڪستاني مسافرن جي بنا دير ملڪ واپسيءَ لاءِ ڪورونا ٽيسٽ جو شرط ختم ڪري ڇڏيو آهي.

Read Previous

ميڊيا ريگيوليٽري بل رد، چونڊيل ۽ مڙهيل حڪومت ۾ فرق واضح ٿي ويو: مريم اورنگزيب

Read Next

افغانستان جي صورتحال تي پاڪستان جو اهم فيصلو

Most Popular