جو بائيڊن طالبان کي خبردار ڪري ڇڏيو

آمريڪي صدر جو بائيڊن افغانستان مان پنهنجي شهرين ۽ سفارتي عملي جي محفوظ واپسي لاءِ ويندڙ فوجين جو انگ ٻيڻو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي ميڊيا موجب پنهنجي هڪ بيان ۾ جو بائيڊن چيو ته آمريڪي مشن جي خاتمي ۽ عملي جي حفاظت سان واپسي لاءِ 5 هزار فوجي افغانستان موڪليا ويندا.

طالبان کي خبردار ڪندي آمريڪي صدر چيو ته ويڙهاڪ نڪرندڙ مشن جي اهلڪارن کي نقصان پهچائڻ کان پاسو ڪن.

Read Previous

افغانستان جي صورتحال تي پاڪستان جو اهم فيصلو

Read Next

آزادي ڏهاڙي تي شاهد آفريدي جو جذباتي پيغام

Most Popular