ملڪ ۾ ڪورونا جو انگ وري وڌڻ لڳو، 74 فوتگيون

ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي وڌيڪ 4373 ڪيس هاڪاري آيا آهن جڏهن ته وائرس سبب 74 ماڻهو زندگي جي جنگ هارائي ويٺا.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي جاري ڪيل انگ اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جون 55 هزار 634 ٽيسٽون ڪيون ويون جن مان 4373 ماڻهن ۾ وائرس جي رپورٽ هاڪاري آئي آهي ۽ ڪورونا وائرس ۾ هاڪاري ڪيسن جي شرح 7.86 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ڪري 74 ماڻهو فوت ٿي ويا جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 24713 ٿي ويو آهي ۽ جڏهن ته وائرس ۾ مبتلا مريضن جو انگ 11 لک 13 هزار 674 ٿي ويو آهي.

Read Previous

ججن ۽ بيورو ڪريٽس کي ڪڻن ذريعي پلاٽ، عدالت جو وڏو حڪم سامهون اچي ويو

Read Next

شهباز شريف جو افغان صورتحال تي ان ڪئميرا اجلاس گهرائڻ جو مطالبو

Most Popular