غريبِ ڪربلا جي ياد، امام حسين عه جي روضي تي لکين ماڻهن جي حاضري

يوم عاشور جو ڏهاڙو سڄي دنيا ۾ مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو.

ڪروڙين ماڻهو محسن انسانيت، پيغمبر رسول جي ڏوهٽي، دين اسلام جي بقا، حق ۽ باطل ۾ فرق پيدا ڪندڙ شبيهه مصطفيٰ صه حضرت امام حسين عه ۽ سندس جانثارن جي شهادت تي کين ڀيٽا پيش ڪئي.

ڏهه محرم الحرام کي ياد ڪندي سڄي دنيا جي مسلمانن طرفان ننگر نياز ۽ سبيلون قائم ڪيون ويون.

ملڪ سميت سڄي دنيا ۾ شهداءِ ڪربلا جي ياد ۾ مجلسون ڪوٺايون ويون جن ۾ شان شهداءِ ۽ ڪربلا جي ميدان ۾ امام حسين عه سندس ساٿين ۽ ڪٽنب سان ڪيل ظلمن جي داستان بيان ڪئي وئي.

جتي امام حسين عه جي ياد ۾ ڪروڙين ماڻهو گڏ ٿيندا ۽ ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪندا رهيا اتي با وفا مولا غازي عباس جي ۽ جرئت تي به ذاڪرن خطاب ڪيو.

هر ننڍي وڏي شهر مان نڪرندڙ جلوسن ۾ سيج ۽ ذوالجناح برآمد ٿيا جن کي مذهبي عقيدتمندي تحت پنهنجي مقامن تائين پڄايو ويو.

ان سان گڏ لکين ماڻهن امام حسين عه جي روضي تي حاضري ڀري ماتم ڪندي امام حسين عه کي ڀيٽا پيش ڪئي.

Read Previous

شهباز شريف جو افغان صورتحال تي ان ڪئميرا اجلاس گهرائڻ جو مطالبو

Read Next

خليل قمر جو عورتن جي حوالي سان وڌيڪ هڪ بيان

Most Popular