شاهنواز ڏاهاڻي ڪيويز خلاف ون ڊي سيريز لاءِ قومي اسڪواڊ ۾ شامل

نيوزيلينڊ خلاف ون ڊي سيريز لاءِ 20 رڪني قومي ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي چيف سليڪٽر محمد وسيم نيوزيلينڊ جي پاڪستان دوري دوران ون ڊي سيريز لاءِ 20 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ مڊل آرڊر بيٽسمين افتخار احمد ۽ خوشدل شاهه جي واپسي ٿي آهي.

ٽيم ۾ حارث سهيل، سلمان علي آغا، سرفراز احمد ۽ صهيب مقصود جاءِ نه ٺاهي سگهيا، جڏهن ته نوجوان فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي، آل رائونڊر محمد وسيم جونيئر، ليگ اسپنر زاهد محمود ۽ وڪيٽ ڪيپر محمد حارث کي پهريون ڀيرو قومي ون ڊي اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويو آهي.

واضح رهي ته پاڪستان سپر ليگ ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ايونٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ لاڙڪاڻي واسي فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي کي زمبابوي ۽ ويسٽ انڊيز خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو هو پر کيس موقعو نه ڏنو ويو.

نيوزيلينڊ خلاف ون ڊي سيريز لاءِ اعلان 20 رڪني اسڪواڊ ۾ بابر اعظم (ڪپتان)، شاداب خان (نائب ڪپتان)، عبدالله شفيق، امام الحق، فخر زمان، خوشدل شاهه، افتخار احمد، محمد رضوان (وڪيٽ ڪيپر)، محمد حارث (وڪيٽ ڪيپر)، سعود شڪيل، فهيم اشرف، حسن علي، حارث رئوف، محمد حسنين، محمد نواز، محمد وسيم جونيئر، شاهين آفريدي، شاهنواز ڏاهاڻي، عثمان قادر ۽ زاهد محمود شامل آهن.

Read Previous

طالبان جي افعانستان حڪومت ۾ اچڻ جا ڪشمير تي پوندڙ اثر، ڀارت پريشان

Read Next

دپيڪا پڊوڪون جي 4 سالن کان پوءِ هالي ووڊ ۾ واپسي

Most Popular