افغانستان ۾ نگران وزيرن جي اعلان تي رد عمل ڏيڻ وقت کان اڳ هوندو: فواد چوڌري

سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته افغانستان ۾ نگران وزيرن جي اعلان تي رد عمل ڏيڻ وقت کان اڳ هوندو.

برطانوي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي فواد چوڌري چيو ته ميڊيا جي ذريعي سي آءِ اي جي سربراهه جي ڪابل واري دوري جي خبر پئي. باضابطه حڪومت جي غير موجودگي ۾ انٽيليجنس ادارا اهڙو فريم ورڪ جوڙيندا آهن. ميڊيا کان ئي خبر پئي ته ترڪي ۽ قطر جا انٽيليجنس سربراهه به ڪابل ۾ هئا، افغانستان جو ڪوبه پرڏيهي وزير نه هو. اسان پرڏيهي وزير اماڻيون ها ته اهو ڪنهن سان ملاقات ڪري ها؟

فواد چوڌري چيو ته افغانستان  مان پرڏيهي شهرين جي واپسي ۾ پاڪستان مدد ڏني. هن اهو به چيو ته ڀارت لاڳيتو پاڪستان جي خلاف پروپيگنڊا ڪري رهيو آهي. ڀارتي ميڊيا وڊيو گيم جي راند کي پنجشير ۾ پاڪستان جي ڪارروائي چيو. فواد چوڌري چيو ته ماضي ۾ افغانستان سان سنگين مسئلا پيش ايندا رهيا آهن.

Read Previous

ملڪ ۾ ڪورونا جا هاڃا جاري، وڌيڪ 98 مريض فوت، 3 هزار 316 نوان ڪيس رپورٽ

Read Next

طالبان جي ڪابينه ۾ ڪير ڪهڙي عهدي تي مقرر؟ سمورا تفصيل سامهون اچي ويا

Most Popular