حيدرآباد ۾ ڪورونا صورتحال خطرناڪ، ڪراچي کان به وڌيڪ ڪيس رپورٽ

سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 35 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 1021 نوان ڪيس به سامهون آيا.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جي صورتحال تي جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ته صوبي ۾ هيل تائين ڪورونا ڪيسن جو مجموعي انگ 439770 ٿي ويو آهي، جڏهن ته فوتين جو مجموعي انگ 7030 تي پهچي ويو آهي.

هوڏانهن صحت کاتي سنڌ ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح جا تازا انگ اکر جاري ڪيا آهن، جنهن موجب ڪراچي ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 9 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، جڏهن ته حيدرآباد ۾ اها شرح 10 سيڪڙو آهي.

صحت کاتي جي ترجمان موجب ڪراچي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 8.85 سيڪڙو رڪارڊ ٿي، جڏهن ته سنڌ جي ٻئي وڏي شهر حيدرآباد ۾ هاڪاري ڪيسن جي شرح 9.70 سيڪڙو رهي.

Read Previous

افغانستان بابت سمورا جائزا ۽ اڳڪٿيون غلط ثابت ٿيون: شاهه محمود قريشي

Read Next

عائزا ۽ دانش جي نيها ڪڪڙ سان ملاقات، تصوير وائرل

Most Popular